لنڊن(پنهنجي ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ چونڊن جي موقعي تي موبائل ۽ ڊيٽا سروس جي بندش کي اظهار جي آزادي تي حملو قرار ڏنو آهي
ايمنسٽي انٽرنيشنل ڏکڻ ايشيا جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن جي ڏينهن ڪميونيڪيشن ۽ موبائل انٽرنيٽ سروسز جي بندش جو فيصلو اظهار جي آزادي ۽ پرامن ميڙاڪو ڪرڻ جي حقن تي واضح حملو آهي
اداري پاڪستان کان انٽرنيٽ تائين رسائي تي لڳايل پابنديون فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو