موت گهاٽ تي بيٺل ماڻھو … ميان مير چانڊيو

                 هن وقت جڏھن آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي تائين ايران تي بم ۽ گولا ڪيرائي نه رڳو  ايراني ماڻھو بي گناه ماري رهيا آھن پر ايران جون تاريخي عمارتون به مسمار ڪري رهيا آھن. ان جنگ شروع ٿيڻ سان نه رڳو ايران جي تباهي ٿي رهي آھي پر ان سان  اٿندڙ مهانگائي سبب دنيا ۾ لکين پورهيت ۽ ھاري ناري انسان به موت جي منهن ۾ ڌڪجي رهيا آھن, جنهن سان دنيا ۾  قيامت  کان اڳ هڪ نئي  قيامت برپا ٿي رهي آھي. توڙي جو ھاڻي عارضي جنگبندي ٿي چڪي آهي پر ان جنگبندي دوران به اسرائيل لبنان تي حملا ڪري ڪجھه ئي دير ۾ اڍائي سئو ماڻهو ماري ڇڏيا آھن.

زندگي کي هٿ ڪڙيون ڪنهن هنيون آھن؟

جو هوءَ موت جي قيد خاني ڏانهن ٿي وڌي.

                 تاريخ جي مقتل گاه ۾  اهڙين قيامتن جي هڪ ڊگهي تاريخ آھي, جنهن کي تاريخدان، صحافي ۽ ليکڪ پڌرو ڪندا رهيا آھن، ۽ اهو واضح آھي ته دنيا کي جنگين ۽ بدامني  ذريعي نه بلڪ باهمي امن، ڀائيچاري ۽ سلامتي ذريعي ئي بچائي سگهجي ٿو.

آگسٽ ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٿيل بمباري جي ياد ان اميد سان ملهائي ويندي آھي ته دنيا ۾ وري اهڙو وحشتناڪ منظر ڪڏهن به نه ورجائجي. ڪيئي ورهيه اڳ جڏهن موتمار بمباري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ۽ ڪيئي سالن کان پوء ان سرزمين تي زندگي ساه کثيو هو, ۽ دنيا جوهري ۽ ائٽمي جنگ کان نفرت ڪرڻ لڳي هئي, پر افسوس دنيا ۾  اڃان تائين انسانيت جي تباهي آڻيندڙ هٿيارن ۾ گهٽتائي اچي نه سگهي آهي. دنيا جي ڪجھ ٻين ملڪن سميت آمريڪا هر سال فوجي خرچن ۾ واڌارو ڪندو رهندو آھي. دنيا جي مختلف ملڪن وڇ ۾ 1970ع ڌاري جوهري توانائي ۽ ھٿيارن ۾ گهٽتائي جو معاهدو  ٿيو هو پر اڳيان هلي آمريڪا ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو, جنهن ڪري ميمبر ملڪ به ان معاهدي تان دستبردار ٿي ويا. انساني تباهي آڻيندڙ ھٿيارن ٺاهڻ جو ڪم جاري رهيو.

توڙي جو ڪالھ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڳالھين لاءِ اسلام آباد پھچڻو ھو ۽ جڏھن اوھان ھي سٽون پڙھي رھيا ھوندا ته اھو اسلام آباد پھچي چڪو ھوندو. ڳالھين جو شيڊيول طئي ٿيڻ کانپوءِ به آمريڪا  ايران کي تباهہ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي, جنهن مان لڳي  ٿو ته  هڪ ڀيرو ٻيهر هيروشيما جو ڪربناڪ منظر اکين اڳيان اچي سگهي ٿو.

 تاريخدان ۽ آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي اڳوڻي صلاحڪار آٿرشلنگر آڪٽوبر 2002ع ۾ هوانا ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ چيو هو ته، ”دنيا موتمار نيوڪليئر هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ساهه کڻي رهي آهي_“ ڪينيڊي جي اڳوڻي سيڪريٽري دفاع رابرٽ ميڪن مارا مذڪوره ڪانفرنس ۾ ايٽمي هٿيارن جي تباهڪارين کان دنيا کي خبردار ڪندي چيو هو ته، ”آمريڪا جي ايٽمي هٿيارن جي پاليسي غير قانوني ۽ ناجائز آهي، جنهن سان هو پاڻ ۽ ٻيون قومون تباهه ٿي وينديون.“ هن اهو پڻ چيو ته آمريڪي پاليسين سبب دهشگرد ايٽمي حملو به ڪري سگهن ٿا. ميڪن مارا اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي سيڪريٽري دفاع وليم پيري جي اها ڳاله به ورجائي ته ”ڏهاڪو کن سالن اندر آمريڪا تي ايٽمي حملي جو خطرو موجود آهي“.

“ايٽمي دهشتگردي“ نالي لکيل ڪتاب ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز جي ماهر گراهم ايلزيسن لکيو هو ته ”ڊرٽي بمن سان ته آمريڪا تي ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به حملو ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو هو ته، ”ميزائل توڙي ايٽمي خام مال مان تيار ڪيل هٿيار ڪڏهن به تحفظ مهيا نٿا ڪري سگهن.“ ايلزيسن 1990ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ سينيٽر سام نن ۽ سينيٽر رچرڊ مگ طرفان ايٽمي هٿيارن جي روڪ لاءِ ڪيل ڪوششن جو به جائزو ورتو ته بش انتظاميا طرفان ان کي سبوتاز ڪيو ويو. دنيا جي ملڪن سان آمريڪي حڪمرانن جي ان  روش, تشدد وارين پاليسين کي جنم ڏنو ۽ دهشتگردي پروان چڙھي. عراق تي آمريڪي حملي جي ٻن ورهين کان پوءِ سوسن بي گليسر واشنگٽن پوسٽ ۾ ان ڳالهه جو تفصيلي جائزو ورتو هو ته عراق ۾ ورهين کان تربيت ورتل ۽ نئين تيار ٿيندڙ ويڙهاڪ نسل کي ڪيئن منهن ڏجي. هن لکيو هو ته ”هاڻي مک آمريڪي عملدار اهو ٿا سمجهن ته هزارن جي تعداد ۾ تربيت يافتہ عراقي ويڙهاڪن پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جن ملڪن ۾ وچ اوڀر ۽ يورپ به اچي وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ  هن جنگ کان اڳ به عام حالتن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا ڪروڙين ماڻهو، غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري چڪا آھن يا گذاري رهيا آھن, پر ھن جنگ کانپوءِ دنيا ۾ غربت ٻيڻ کان ٽيڻ تائين وڌي ويئي آھي، ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آھي, جنهن ڪري دنيا غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ هلي ويئي آھن. آئون جنگين جي تاريخ ۾ ڀٽڪي پٺ تي موٽان ٿو, مون کي شعر ياد ٿو اچي:

“وقت توکي ڌوڻي تو کان سارا بهار کسي ورتا آھن،

هاڻ تون ۽ مان  ٻئي,

 پوئين وير جي سج جهڙا ٿي ويا آھيون”

هن وقت  آمريڪا, اسرائيل ۽ ايران جي هلندڙ جنگ ۾ نه رڳو ايران ۽ عرب ملڪن جو جاني, مالي نقصان ٿي رهيو آھي پر، خود اسرائيل ۽ آمريڪا جي به تباهي ٿي آھي. حالتون ٻڌائين ٿيون ته آمريڪا ايران جنگ جون تياريون اڳ ۾ ڪري رهيو هو، آمريڪا گرين لينڊ تي حملو ڪري پاڻ وٽ تيل جو وڏو ذخيرو جمع ڪري ان کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن تي وڌيڪ ٽيرف مڙهيو، ۽ بعد ۾  ايران سان جنگ شروع ڪئي,  جنگ ۾  ان جو توقع کان وڌيڪ مالي نقصان ٿي چڪو آهي. آمريڪا ايران جنگ سان ترقيءَ جي رفتار خطري جي حد تائين گهٽجي رهي آهي، جنهن جو اثر انهن غريب ملڪن تي وڌيڪ پئجي رهيو آھي، جيڪي رڳو امدادن ۽ قرضن تي هلي رهيا آهن۔ نتيجو اهو نڪري رهيو آھي ته  پوري دنيا جا پورهيت انسان  بک، بيرورگاري، بدحالي ۽ بيماري ۾ ڀوڳي رهيا آھن. آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج ڪرڻ لاء جنگ شروع ڪرائي هئي، جيڪا جنگ سندس ڳچيءَ ۾ پئجي چڪي آھي. عارضي جنگبندي کانپوءِ اسلام آباد ۾ دائمي امن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين جو انجام ڇا ٿيندو؟ اهو چوڻ قبل از وقت آھي, پر  جي اھي ڳالھيون ناڪام ٿين ٿيون ته وڌندڙ مهانگائي سان دنيا ۾  لکين انسان بک ۽ بمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا.

“ٻيجل! جيڪڏھن مون کي چنگ وڄائڻ سيکارين ها

 ته آئون بسنت کي وڃڻ کان روڪي سگهان  ها.”