| موجوده چئلينجز ۾ فاضل راهو جي کوٽ محسوس پئي ٿئي: اياز لطيف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته اڄ قومي عوامي تحريڪ پاران ھاري اڳواڻ شھيد عوام فاضل راھو جي 39 ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو شھيد فاضل راهو جاگيرداري، سرداري، قبلائيت دھشتگردي ۽ وڏيرڪي نظام خلاف رت جي آخري ڦري تائين وڙھندو رھيو اڄ سنڌ جنهن تڪليفن ۽ چيلنجن کي منهن ڏئي رهي آهي ان ۾ شھيد فاضل راهو جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. شھيد فاضل راهو سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکندو هو. ھن چيو ته شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. قومي عوامي تحريڪ سندس واٽ تي ھلي پاڻي، درياھ تي ڌاڙي، مظلوم عوام سان ظلم ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد ڪري رھي آھي. شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو.