مودي استعيفا ڏئي ڇڏي، وزيراعظم طور ٽئين مدي لاءِ 8 جون تي حلف کڻدو

جُون 5, 2024

نئين دهلي(پنهنجي ڊيسڪ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، نريندر مدي ٽئين مدي لاءِ 8 جون تي وزيراعظم طور حلف کڻندو

 لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڳري اڪثريت حاصل نه ڪري سگهڻ باوجود نريندر مودي جي ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ سندس اتحاد حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا

 لوڪ سڀا جي 543 سيٽن مان 292 سيٽن تي  مودي جو اين ڊي اي اتحاد ڪاميابي ماڻي چڪو آهي، راهول گانڌي جي ڪانگريس جي قيادت ۾ انڊيا اتحاد کي رڳو 234 سيٽون حاصل ٿي سگهيون آهن

بي جي پي اڪيلي سر 240 سيٽون کٽيون، ڀارت ۾ اتحادي جماعتن پاران نريندر مودي اين ڊي اي جو سربراهه چونڊجي ويو، نريندر مودي ٽيون  ڀيرو حڪومت ٺاهڻ لاءِ صدر سان ٻيهر ملاقات ڪندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار