مودي جا اندازا غلط، پاڪستان کي واضع برتري، رپورٽ جاري

مَي 24, 2025

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ 16 ڪلاڪن ۾ ڏکڻ ايشيا جي تاريخي تبديلي تي هڪ رپورٽ جاري ڪئي .پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ ٽن نقطن واري جامع حڪمت عملي پيش ڪري ٿي.

اها رپورٽ سينيٽر مشاهد حسين سيد پاران جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته مودي جا اندازا غلط هئا، پاڪستان کي واضح برتري ملي آهي، پر ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ جو امڪان نه هو، ڇاڪاڻ ته دفاعي طاقت جو توازن بحال ٿي چڪو هو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10 مئي جي فتح پاڪستان جو سڀ کان شاندار لمحو آهي. رپورٽ موجب، متحرڪ سفارتڪاري ڪئي وڃي، ڏکڻ ايشيائي ملڪن ڏانهن هڪ اسٽريٽجڪ رخ اختيار ڪيو وڃي، چين، ترڪي، آذربائيجان، ايران ۽ سعودي عرب جهڙن اتحادين سان لاڳاپا مضبوط ڪيا وڃن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي معاهدي تي تخليقي قانوني حڪمت عمليون استعمال ڪيون وڃن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هندستان جي آر ايس ايس هندوتوا نظام کي اولهه جي بين الاقوامي عدالتن ۾کڻي وڃڻ گهرجي. دهشتگردي جي توازن جو ماڊل ڏکڻ ايشيا ۾ اثرائتو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ هندستان ٻئي ايٽمي طاقتون آهن. هن ماڊل هندستاني جارحيت کي سگهاري حڪمت عملي سان روڪيو آهي ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکيو آهي.

رپورٽ ۾ 22 اپريل تي پهلگام واقعي کان پوءِ ٿيندڙ واقعن جي ٽائيم لائن پڻ شامل آهي ۽ ان ۾ پاڪ-ڀارت تڪرار تي بين الاقوامي خيال شامل آهن. مشاهد حسين سيد چيو ته پاڪستان ايئر فورس پيشيوراڻي صلاحيتون ۽ تربيت انهن جي برتري جو سبب هئي. پاڪستان ايئر فورس اليڪٽرانڪ جنگ جي استعمال ۽ سائبر ميدان ۾ برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته جنگ جي نتيجي ۾ ٽي نوان اسٽريٽجڪ حقيقتون سامهون آيون آهن. سينيٽر مشاهد حسين چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاعي طاقت جو توازن بحال ڪري ڇڏيو آهي ۽ چين هاڻ ڪشمير جي مسئلي جي هڪ حقيقي ڌر بڻجي چڪو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول

  • بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گهٽ پئسا ڏيڻ جو چيو ويو: وڏو وزير

  • ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ، سلامتي ڪائونسل اجلاس بنا نتيجي ختم

  • ايران جو اسرائيل تي چوٿون حملو ،2 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ