انڊيا جو وزير اعظم نريندر مودي آمريڪا جو سرڪاري دوري مڪمل ڪري واشنگٽن کان روانو ٿي چڪو آهي. ان دوري ۾ هن ڪانگريس کي خطاب ڪرڻ سان گڏ آمريڪين کي يوگا جا ڪرتب پڻ ڏيکاريا هئا. چرچل کان پوءِ هو دنيا جو ٻيو ليڊر آهي، جنهن آمريڪي ڪانگريس کي ٻه دفعا خطاب ڪيو آهي. ڪو وقت هو، جڏهن هُن کي آمريڪا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ اڄ هُن کي “ورلڊ گُرو” ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. آمريڪي پروفيسر عرفان الدين جي خيال ۾، “آمريڪا جي لاءِ هِن صدي ۾ چين اڪيلو سڀ کان وڏو خطرو آهي، جيڪو هُن کي انڊيا جي ويجهو آڻي رهيو آهي. اها هڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت آهي ته انڊيا جي جمهوريت اها نه رهي آهي، جيڪا ماضي ۾ هئي، جتي انساني حقن جو پامالي، اقليتن، پريس ۽ صحافين سان بُري سلوڪ جهڙا سوال موجود آهن. مودي جي پارٽي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي تشدد ڪري ٿي پر هُو ان تي خاموش رهي ٿو، جنهن سان انتهاپسند پنهنجا منفي مقصد حاصل ڪري رهيا آهن.”
مغرب ۾ مودي جي قبوليت ڇو؟
گذريل پنج سئو سالن کان مغربي تهذيب دنيا تي قابض آهي. ڊچ ڦورو، پورچوگيزي ٺڳ، اسپيني قزاق ته ڪڏهن وري فرينچ ۽ انگريز ڪمپنين جي ذريعي يورپي تهذيب دنيا جي هر قديم تهذيب ۽ معيشت کي تباهه ڪيو آهي ۽ اتان جي عوام کي لٽيو آهي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپي سامراج ۽ ان سان جڙيل ڪالونين جو زوال شروع ٿيو هو، جنهن جو فائدو آمريڪا کي ٿيو هو ۽ اها ساڳئي تهذيب اڄڪلهه آمريڪا جي اڳواڻي ۾ ملٽري طاقت ۽ ڏيڍ سئو کربن جي فوجي بجيٽ سان دنيا تي مسلط آهي. جيئن ته هر ڪمال کي زوال آهي، تيئن هن کي به ڊچ، اسپيني، پورچوگيزي، فرينچ ۽ انگريزن جهڙي انجام جو خطرو آهي. باوجود فوجي طاقت جي، هُن کي احساس ٿي رهيو آهي ته هن جو زوال قريب آهي ۽ چين اهو مقام حاصل ڪرڻ جي ويجهو اچي رهيو آهي.
ان خيال کي آمريڪي سرمائيدار ليکڪ ري ڊيليو دلي دک سان پنهنجي ڪتاب “بدلجندڙ ورلڊ آرڊر” ۾ تمام سٺي نموني سمجهايو آهي. ان تاريخي عمل کي روڪڻ جي سوچ تحت آمريڪا اهو فارمولو استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو اڌ صدي پهرين هُن سوويت يونين جي خلاف استعمال ڪيو هو. ان وقت هُن چين کي مراعتون ڏئي، اتي سرمايو لڳائي، سستي زمين، بجلي پاڻي، خام مال ۽ مزدور جو استحصال ڪري پنهنجي سامراج کي بچايو هو. تاريخ جا ڪجهه ورق کلي رهيا آهن ۽ خبر پئي رهي آهي ته سوويت يونين جي خلاف آمريڪا نه رڳو “هڪ چائنا” پاليسي کي مڃي تائيوان کي چين جو اٽوٽ انگ قبول ڪيو هو پر تائيوان مان ائٽمي هٿيار به ڪڍيا هئا. ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن ۾ هن کي خصوصي رعايتون ڏنيون هيون وغيره وغيره. ڪسينجر، جيڪو ان خفيه ڊيل جو مک ڪردار آهي، تنهن آمريڪي رياست سان هڪ الڳ معاهدو ڪيو هو ته چين سان ڪيل ڳالهين کي هن جي مرڻ کان ڏهه سال پوءِ تائين پبلڪ نه ڪيو ويندو.
جيتوڻيڪ اهو معاهدو آمريڪي قانون جي خلاف آهي پر ان وقت جي سرڪار اهو معاهدو ڪري هُن کي تحفظ ڏنو هو. آمريڪا پنهنجي مفاد ۾ انهن مان ڪجهه پيپر جاري ڪيا آهن، جيڪي آمريڪي ليکڪ مائيڪل پَلسبري پنهنجي ڪتاب “سئو سالا ڊوڙ” ۾ ڇپيا آهن. مائيڪل جي چواڻي، “ڪسينجر ڪوڙو آهي”. اها ڳالهه سچ آهي پر ڇا رڳو ڪسينجر ڪوڙو آهي؟ حقيقت ۾ پوري آمريڪي رياست ڪوڙي آهي، جنهن هُن کي اها اجازت ڏني هئي ته هو اهي معاهدا ڪري ۽ پنهنجي عوام کان حقيقت لڪائي رکي. اڄ اها روايت دهرائي پئي وڃي ۽ آمريڪا ان ساڳئي فارمولي تحت چين کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ نوان دوست ۽ اتحادي ڳولي رهيو آهي. آمريڪي سرمائيدار کي ان سلسلي ۾ مودي ۾ اميد آهي. هو انڊيا کي چاندي جي ٿالهي ۾ اهو سڀ ڪجهه رکي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو هن چين کي آڇيو هو. ٻئي پاسي انڊين سرمائيدار کي آمريڪي مجبوري جي خبر آهي ۽ هو وڌ کان وڌ مفاد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڏسجي ته ڊيل ڪٿي پهچي ٿي!
مودي ۽ انڊين سامراجي ذهنيت
مودي جي سياست ۽ طاقت جي پويان اڀرندڙ انڊين سرمائيدار آهي، جنهن کي احساس ٿي رهيو آهي ته چيني سرمائيدار هُن کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ هُن کي جلدي جلدي ترقي ڪرڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ هن کي آمريڪي سرمائي ۽ مدد جي اشد ضرورت آهي. ڪارل مارڪس پيشنگوئي ڪئي هئي ته، “اهو ممڪن ئي نه آهي ته فرانس ۽ انگلينڊ جي صنعتي ترقي تي جرمني خاموش رهي ۽ هو ان جي پويان ترقي نه ڪري”. مارڪس جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي هئي، جنهن بعد ۾ اهڙي تضاد کي جنم ڏنو هو، جنهن دنيا کي ٻن عالمي جنگين جي بربريت ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. انڊين سرمائيدار هاڻي “سامراجي” مرحلي ۾ داخل ٿيڻ چاهي ٿو، جنهن جي لاءِ هُن کي نيون منڊيون، سستو خام مال ۽ زمين کپي. مودي جي روپ ۾ هُن کي اهڙو ليڊر مليو آهي،
جيڪو عوام کي ترقي، هندو قومپرستي، اکنڊ مهاڀارت جهڙن نعرن جي وسيلي سرمائيدارن جي جيو پوليٽڪس، توسيع پسندي جهڙين پاليسين کي قبوليت ڏياري ٿو. ان پاليسي جي هڪ جهلڪ نئين انڊين پارليامينٽ جي بلڊنگ تي چتريل اهو نقشو آهي، جنهن ۾ ڪافي آزاد ملڪن کي “مها ڀارت” ۾ شامل ڏيکاريو ويو آهي. ان بلڊنگ جو افتتاح ان ڏينهن ڪيو ويو هو، جيڪو انڊين انتهاپسند ونايڪ ڌرميندر سوارڪر جو جنم ڏينهن هو ۽ هن جي تصوير افتتاح جي تقريب ۾ واضح نظر اچي رهي هئي. نئين پارليامينٽ جو افتتاع گانڌيءَ جي جنم ڏينهن تي ڪرڻ جي بجاءِ سوارڪر جي جنم ڏينهن تي ڪري انڊين عوام ۽ دنيا کي خاص پيغام ڏنو ويو هو ته هُو “بزنيس” جي لاءِ تيار آهي.
مودي جي سياست ڇو چمڪي رهي آهي؟
مودي جي سياست آهستي آهستي ارتقا ڪري پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. اها “پين هندو” ذهنيت آهي، جيڪا مغربي روشن خيالي ۽ هندو قومپرستي جو ميلاپ آهي. هڪ پاسي اها جمهوريت، سائنسي تعليم ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪري ٿي ته ٻئي پاسي وري مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان نا انصافي کي جائز سمجهي ٿي. مودي سياست جي مثبت پهلوئن ۾ عورتن جي سياست ۽ معيشت ۾ وڌ کان وڌ شرڪت آهي، جيڪا اتي سماجي تبديلي جو سبب بنجڻ سان گڏ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي. انڊيا ۾ انساني حق، سول سوسائٽي، رواداري جهڙا لبرل خيال فقط هندو اڪثريت تائين محدود نه رهڻ گهرجن. سياست جو بنياد ڪنهن مخصوص رنگ، نسل، مذهب ۽ طبقي تي رکڻ سان سماج ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرت کي هوا ملندي آهي.
“پين سياست” سئو سال پهرين يورپ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ “پين جرمن” نازي پارٽي کي شڪست آئي هئي. اسان وٽ به ان سياست جا ڪافي نقصان ٿيا آهن ۽ اسان اڄ جيڪو ڪجهه ڀوڳي رهيا آهيون، سو “پين سياست” جو نتيجو آهي. گانڌي ان “پين سياست” کان هٽي ڪري فرينچ قومپرستي جي طرز تي لبرل جمهوري سوسائٽي جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ اڪثريت ۽ اقليت ۾ ڪو فرق نه هجي. نهرو وري ان ۾ سيڪيولر سوشلزم جي سوچ کي شامل ڪيو هو. جڏهن ته مودي قانون پاس ڪري پاڪستان ۽ بنگلا ديش مان هندو آبادي کي انڊيا ۾ گهرائڻ چاهي ٿو، جنهن سان اتي هندو آبادي ۾ واڌ ايندي ۽ مسلمان آبادي اڃان به وڌيڪ اقليت ۾ ٿيندي ويندي. ڪافي ماڻهو ان ڳالهه تي پريشان آهن ته ڪٿي اها منفي سياست اسان جي پوري خطي کي نئين بحران جو شڪار نه ڪري ڇڏي. ها اهو ضرور آهي انڊيا ۾ اڄ به ڪافي سياسي پارٽيون، سماجي تنظيمون ۽ بيوروڪريسي مودي جي خيالن سان اختلاف رکن ٿيون.
باوجود منفي سياست جي مودي جي مقبوليت ۽ قبوليت ڇو وڌي رهي آهي؟ ان سوال تي اتان جي ترقي پسندن کي ضرور سوچڻ گهرجي. ڇا اها رڳو اتم ذات هندو اشرافيه جي تحريڪ آهي، جيڪا مغرب ۽ چين جي مقابلي ۾ پوئتي رهجي وڃڻ تي رنج آهي، جيڪا انڊيا کي عظيم طاقت نه بنجڻ تي مايوس آهي ۽ مودي جي “خيال پرستي” جو شڪار آهي يا وري ان جي پويان ٻيو ڪجهه آهي؟ آخر انڊيا جا پڙهيل لکيل لبرل شهري ۽ ماضي جا سوشلسٽ مودي جي مايا کان متاثر ڇو آهن؟ جان گري اسان کي اهڙي صورتحال جي خطري کان خبردار ڪندي چيو هو ته، “لبرل ازم ۽ مارڪس ازم جي نااهلي نئون ورلڊ آرڊر آهي”. ڪٿي اهو وڃايل شناخت جو بحران ته نه آهي، جنهن کي هندو انتهاپسند پنهنجي سياست طور استعمال ڪري رهيا آهن يا وري چالاڪ اشرافيه جي ڪاوش آهي ته ڪنهن طريقي سان سماج جي اندر اصلي تضادن کي مذهب جي رنگ ۾ لڪائي رکجي! اهو به ٿي سگهجي ٿو ته اهي سب عنصر گڏجي مودي جي سياست کي ڪامياب ڪري رهيا آهن.