مودي جو بيان رد: ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، پاڻي جو رخ موڙڻ جنگ هوندي، حفاظت لاءِ هر قدم کڻنداسين : پاڪستان
مَي 14, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي چڙڏياريندڙ ۽ نفرت جوڳن بيانن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان اهڙن بيانن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو، جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ آهن. ترجمان موجب مودي جو بيان غلط ۽ سياسي مفادن تي ٻڌل آهي، جيڪو خطي جي امن لاءِ هاڃيڪار آهي. پرڏيهي کاتي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي آبي حقن جي حفاظت لاءِ هر ضروري قدم کڻندو. ترجمان موجب، پاڪستان پاڻ ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو شڪار آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن کي سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي. ترجمان چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو حامي رهيو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن پٽاندڙ هئڻ گهرجي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم جو بيان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ڪوڙا بيانيا گهڙي جارحيت جو جواز پيدا ڪيو ويندو آهي. ترجمان موجب، پاڪستان جو امن لاءِ عزم کي قطعي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، مستقبل ۾ ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ترجمان موجب پاڪستان جو جواب فوجي ٿاڪن تائين محدود ۽ محتاط هو، جنهن سان ڀارتي فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارتي بيانن ۽ روين جو سنجيدگي سان جائزو وٺن، ڇو ته اهڙا قدم خطي کي تباهي ڌڪڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪندي چيو آهي ته اسان برابري ۽ دفاعي توازن ثابت ڪيو، هاڻي هاڪاري انداز ۾ اڳتي ڏسڻ گهرجي، جامع ڳالهين وسيلي مسئلا حل ڪرڻ گهرون ٿا، آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ڪردار ادا ڪرڻ بابت سوال تي اسحاق ڊار چيو ته ٽرمپ جو اهو بيان اهم آهي ته خطي ۾ عدم استحڪام ۽ خطرن جو اصل ڪارڻ ڪشمير مسئلو آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سان جامع ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻي فيصلو ڀارتي عوام ڪندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر تنقيد جو طوفان آيل آهي، هاڻي شيون ايترو ته پکڙجي ويون آهن جو هو سنڀالي نه سگهندو، مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻي فيصلو ڀارتي عوام ڪندو. هن چيو ته ايندڙ ڪنهن به ٻه طرفي يا عالمي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي نقطا دهشتگردي، ڪشمير جو مسئلو ۽ پاڻي جو مسئلو ضرور شامل هجڻ گهرجن. خواجا آصف واضح ڪيو ته ڪشمير جو مسئلو پاڪستان جو بنيادي موقف آهي ۽ ڪنهن به ڳالهين ۾ ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڀارت پاڻي جي مسئلي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ طاس معاهدو عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي ۽ ان کي هٿ نٿو لڳائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان 25 سالن کان دهشتگردي جو نشانو بڻيل آهي پر الزام ابتو پاڪستان تي مڙهيا پيا وڃن، وزيراعظم پاڻ دهشتگردي جي واقعن تي اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪئي، اسان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي نقصان کي عالمي سطح تي مڃرائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون ۽ دنيا کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته دهشتگردي جو اصل چهرو ڪير آهي، ڀارت پاڻ ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، اهو عالمي دهشتگرد رياست بڻجي چڪو آهي ۽ عالمي برادري کي هاڻي اها حقيقت مڃڻي پوندي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. هوڏانهن سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت وٽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ناهي ۽ نه ئي ڀارت هن هنيئر تائين پاڪستان جو پاڻي روڪيو آهي. برطانوي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ عطا تارڙ چيو ته پاڪستان جي فتح روشن صاف ۽ واضح آهي ۽ جنگبندي پاڪستان جي ڪمزوري نه پر حڪمت عملي جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ڀارت وٽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ناهي ۽ نه ئي ڀارت هن وقت تائين پاڪستان جو پاڻي روڪيو آهي، پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت جا نقصان سڀني جي سامهون آهن، ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو.