مودي پاران پاڪستان تي وري حملن جي منصوبابندي: ٽارگيٽ تيار، سنڌ طاس معاهدو باضابطا معطل
اپريل 25, 2025
نئين دهلي(م ڊ) مودي حڪومت جو هڪ وڌيڪ بالاڪوٽ حملي جهڙو منصوبو جوڙي ورتو، ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ڪئي وئي، حملن جي تياري مڪمل آهي، هندستاني ميڊيا پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لائن آف ڪنٽرل تي هندستاني فوج جي چرپر ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خطاب ڪندي چيو ته دنيا کي ٻڌايان ٿو ته ڀارت هر دهشتگرد ۽ ان جي سرپرست جي سڃاڻپ ڪندو، انهن جو پيڇو ڪندو ۽ انهن کي سزا ڏيندو، انهن جو زمين جي ڪنارن تائين پيڇو ڪنداسين. جنهن حملو ڪيو، جنهن ان جي منصوبابندي ڪئي انهن کي انهن جي تصور کان گهڻو وڌيڪ قيمت چڪائڻي پوندي. دهشتگردن وٽ موجود ٿوري گهڻي زمين کي مٽي ۾ملائڻ جو وقت اچي ويو آهي، دهشتگردي سزا کانسواءِ نه بيهندي انصاف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پاڻي کي مناسب نموني استعمال نه پيو ڪري اسان ان باري ۾ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان کي آگاهه ڪيو ته ڳالهيون ڪريو پر ڳالهيون نه ڪيون ويون. جنهن ڪري معاهدي کي معطل ڪيو وڃي ٿو.