مودي کي وڏو جهٽڪو: ڀارتي چونڊن ۾ بي جي پي اتحاد اين ڊي اي 300 جو انگ به پار نه ڪري سگهيو، سادي اڪثريت حاصل

جُون 4, 2024

نئين دهلي(پنهنجي ڊيسڪ)ڀارت جي چونڊن ۾ وزيراعظم نريندي مودي جي پارٽي بِي جَي پِي کي وڏو جهٽڪو، 400 سئو پار ڪرڻ جو نعرو هڻندڙن لاءِ 300 جو انگ به پار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون

ڀارت ۾ ووٽن جي ڳڻپ ۽ چونڊ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڀارتيا جنتا پارٽي جي سربراهي ۾ اين ڊي اي اتحاد کي 291 سيٽن تي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ڪانگريس ۽ اپوزيشن اتحاد 233 سيٽن تي اڳتي آهن

لوڪ سڀا ۾ سادي اڪثريت لاءِ 543 مان 272 سيٽون کٽڻ ضروري هجن ٿيون، اهڙي ريت بي جي پي پنهنجن اتحادين سان گڏ ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي

  بي جي پي اتحاد اين ڊي اي کي پنهنجي مضبوط ڳڙهه اتر پرديش، هريانا ۽ راجسٿان ۾ شڪست جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته مهاراشتر ۾ به اپوزيشن اتحاد کي سرسي حاصل آهي

اولهه بينگال ۾ ممتا بينرجي جي پارٽي اڳتي آهي، ممتا بينرجي وزيراعظم نريندر مودي کان استعيفيٰ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو آهي

ٻئي طرف ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي کي هڪ سيٽ تي 2 لک ۽ ٻي سيٽ تي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽن جي سرسي حاصل آهي

راهول گانڌي جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ سندس مقابلو رڳو بي جي پي سان نه هو پر سموري سرڪاري مشينري، ايجنسيز، ڪامورا شاهي سان هو جڏهن ته اڌ عدليه به سندس خلاف هئي

هن چيو ته اليڪشن جا نتيجا مودي لاءِ کليل پيغام آهي ته هاڻ عوام کيس نٿي چاهي، عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عوام جي ان فيصلي تي کيس مبارڪون پيش ڪريون ٿا

راهول گانڌي چيو ته اسان جي ويڙهه آئين بچائڻ لاءِ هئي ۽ اها جنگ ڀارت جي غريب ۽ مظلوم عوام وڙهي آهي ۽ اها جنگ اڳتي به جاري رهندي

Leave A Comment