مورو: اغوا ٿيل ڇوڪري جي پلاند ۾ گهر تي حملو: گهر ڌڻي زخمي: 2 ڀينرون اغوا

مورو: اغوا ٿيل ڇوڪري جي پلاند ۾ گهر تي حملو: گهر ڌڻي زخمي: 2 ڀينرون اغوا

 مورو (ن پ ا) موري  ۾اغوا ٿيل ڇوڪري جي پلاند ۾گهر تي حملو: گهر ڌڻي زخمي: 2 ڀينرون اغوا، هڪ بازياب، ان ڏس ۾موري جي نوراني ڪالوني ۾ ھٿياربند گهر تي حملو ڪري گھر ڌڻي عزيز الله ڀٽو گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد سندس 2 نياڻين کي اغوا ڪري ويا. بعد ۾ هٿياربندن ھڪ نياڻي کي ڇڏي ڏنو، ان ڏس ۾ زخمي عزيز ڀٽو ٻڌايو ته ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري مونکي گوليون ھڻي زخمي ڪري منھنجون 2 نياڻيون 17 سالن جي بينظير ۽ 9 سالن جي اقرا کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. ٻئي پاسي  پوليس پھچي زخمي کان واقعي جا تفصيل وٺي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. پوليس ذريعن موجب زخمي عزيزالله ڀٽو جو پٽ شھباز ڀٽو ڪجهه  ڏينھن اڳ نوراني ڪالوني مان خادم ماڇي جي ڌيءَ خالدہ کي اغوا ڪيو هو، جيڪو ھن وقت تائين ظاھر ناھي ٿيو ۽ نه وري خالده واپس ٿي آهي. جنھن تي ماڇي برادري پلاند2 ڇوڪريون اغوا ڪيون آهن، ھوڏانھن ايس ايس پي آفيس جي پي آر او چيو آهي ته ايس پي مامري جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي مورو فائزه سوڍر جي سربراھي ۾ٽيم جوڙي آهي، جنھن ھڪ ڇوڪري اقرا کي سندس پنهنجي گهر مان ئي  هٿ ڪيو آهي جڏھن ته بينظير ڀٽو جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پڻ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. واقعي کانپوءِ نوراني ڪالوني ۾پوليس پڪٽ قائم ڪري پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن.