| مورو: بينظير انڪم آفيس ۾ رش: ٻڍڙي عورت لتاڙجي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت |
مورو (ن پ ا) موري جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس ۾ سروي لاءِ پهتل عورتن جي پيهه ، 85 سالن جي پيرسن عورت سوني زال ڀورو اوڏ لتاڙجي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾سينٽر تي پهتل مستحق عورتن دانهيندي چيو ته مين گيٽ بند ڪرڻ سبب رش ٿي وئي اچانڪ گيٽ کلڻ تي عورتن پاران اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران پيرسن عورت لتاڙجي ۽ ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي وئي، عورتن چيو ته مين گيٽ تي بيٺل چوڪيدار شاهنواز عورتن کي ڌڪا ڏيندو رھي ٿو، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسرن کي اهڙيون شڪايتون ڏنيون آھن پر اھي خاموش بڻيل آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو ته آفيس جو عملو به رشوت خوري تي لٿل آهي، عورتن کان ھر سروي جا 1000 کان 5000 رپيا ورتا وڃن ٿا، من پسند کي سروي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، ٻين کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ھنن مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.