| مورو: خوني ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو: ھڪ فوت |
مورو (ن پ ا) موري لڳ قومي شاھراھ تي خوني ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو ھڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي ۾فوت ٿيل جي سڃاڻپ امداد ميمڻ طور ٿي، جڏهن ته نجف ۽ عاطف سومرو زخمي ٿيا، هوڏانهن وارثن ٻڌايو ته فوتي امداد ميمڻ ۽ زخمي نجف ۽ عاطف سومرو راڻيپور کان سيوھڻ وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو آھي، زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ منتقل ڪيو ويو،