مورو: خوني ٽريڪٽر ٽرالي نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو: امڙ زخمي

مورو: خوني ٽريڪٽر ٽرالي نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو: امڙ زخمي

مورو (ن پ ا) موري لڳ خوني ٽريڪٽر ٽرالي نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو: امڙ زخمي، ان ڏس ۾ موري ويجھو ٻانڌي روڊ تي ٽاور وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان  ضامن علي زرداري فوت ٿي ويو، جڏهن ته  سندس امڙ پرويزي زرداريءَ زخمي ٿي پئي، هوڏانهن وارثن جو چوڻ هو ته ماءُ پٽ موري کان ڳوٺ رئيس ڦوٽو خان زرداريءَ وڃي رھيا ھئا، ٻئي طرف  ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو.