| مورو سانحو: جتوئي ڀائر اسيرن جي آزادي ۾ رڪاوٽون پيا وجهن: پ پ |
مورو(ن پ ا) پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ضلعي ڪائونسلر بشير احمد لغاري، وزير لغاري، سيٺ اقبال لغاري 20 مئي جي اسيرن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته موري واقعي ۾ ملوث سمورن ڌرين کي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار طرفان معافي ڏني وئي آھي، مقامي سياست سبب اسيرن جي وڪيل وري عدالت جي جج خلاف بي اعتمادي واري درخواست ڏني آھي، هاڻ اهو وڪيل پنهنجي درخواست تان ھٿ نه پيو کڻي، جنھن سبب اسان جا 8 اسير جيل ڀوڳڻ تي مجبور آھن. ھنن غلام مرتضيٰ جتوئي کي اپيل ڪئي ته هو پنھنجي وڪيل گلزار عالماڻي کان جج خلاف ڏنل درخواست تان ھٿ کڻائي ته جيئن اسان جي مسڪين پورھيتن کي رليف ملي سگھي ۽ اهي جيل مان آزاد ٿي ٻاھر اچن. پريس ڪانفرنس دوران سيٺ محمد اقبال لغاري چيو ته اسيرن جي ضمانت ۾ جتوئي ڀائرن رڪاوٽ بڻيل آھن، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن اسيرن کي انصاف نه مليو يا ضمانت ۾ رڪاوٽ وڌي وئي رکي ته سخت احتجاج پڻ ڪيو ويندو، اسيرن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محسن علي رستماڻي چيو ته گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جا شڪر گذار آھيون، جنھن سمورن اسيرن کي معاف ڪيو آھي پر وڪيل گلزار عالماڻي جي سيشن جج تي بي اعتمادي واري درخواست سبب معاملو اڃا تائين حل نه ٿي رھيو آھي ان موقعي تي اسرار ڀٽي، امتياز بجراڻي لغاري، عاشق علي بجراڻي لغاري، فياض علي بجراڻي لغاري، ناصر علي بجراڻي لغاري، وسيم سجاد لغاري، صدام حسين کوکر ۽ ٻيا موجود ھئا.