| مورو سانحو: گهرو وزير پاران گهر ساڙيندڙن کي معافي: 60 ڄڻا ضمانتون ڪرائي آزاد ٿيندا: لنجار |
نوابشاهه/مورو(نمائندن وٽان) گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڪئنالن خلاف تحريڪ دوران 20 مئي تي موري وارو گهر سڙڻ واري واقعي ۾ گرفتار بجراڻي لغاري ڳوٺ جي 60 نوجوانن کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، لغاري برادري جا گرفتار نوجوان جلد قانوني طريقي سان پنھنجون ضمانتون ڪرائي آزاد ٿيندا، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته منھنجي طرفان لغاري ڀائرن کي معافي آھي، آئون کين معاف ڪريان ٿو، هن چيو ته آئون عوامي نمائندو آھيان، منھنجي ڪنھن سان ذاتي دشمني ناھي مخالف ھميشه تاڙ ۾ ھوندا آھن ۽ بي بنياد خبرن جو رخ مون طرف ڪندا آھن، مون ھميشه مورو واسين جي پنھجي اولاد وانگر خدمت ڪئي آھي، هوڏانهن ذريعن موجب مورو واقعي جي ڌرين ۽ ضياءَ الحسن النجار وچ ۾ پل جو ڪردار پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير تعليم سردار خان محمد ڏاهري ادا ڪيو آهي هوڏانهن لغاري برادري جي معزز شخصيتن سردار خان محمد ڏاهري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو، ايڊووڪيٽ دوست علي سولنگي ، پيپلز پارٽي اڳواڻ احمد نواز بهڻ، استاد بهاول لغاري، بشير احمد لغاري، وزير احمد لغاري، وڏيرو اعجاز احمد لغاري، اقبال احمد لغاري، وڏيرو امتياز علي لغاري، عاشق علي لغاري شريڪ ٿيا. ان موقعي تي لغاري برادري جي معززين چيف سردار خان محمد ڏاھري ۽ سنڌ حڪومت جي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جي خدمتن ۽ ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندن ٿورا مڃيا. ملاقات دوران برادري طرفان گڏ رهڻ ۽ اتحاد جو وچن پڻ ڪيو ويو. ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اڳواڻن کي درخواست ڪئي وئي ته لغاري برادري سان لاڳاپيل جيلن ۾ بند ماڻهن جي ڪيسن جو جائزو وٺي قانوني طريقيڪار تحت جلد حل ڪرايو وڃي اها اميد ظاهر ڪئي وئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿيندي ۽ برادري جي مسئلن جو حل نڪري ايندو جنهن سان علائقي ۾ امن ۽ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ٿيندو