نوشهرو فيروز (رپورٽر) مورو ۾ گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ باهه ڏيڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي، گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار پاران معافي ڏيڻ بعد موري ٿاڻي تي داخل ڪيس نمبر 172 ۾ نامزد 8 جوابدارن فيض محمد لغاري، صدام لغاري، صمد ڀٽي، اڪرم ڀٽي، ممتاز رند، سجاد کوکر، عمران جويو ۽ عامر ڪلهوڙو جي ضمانت وارين درخواستن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) جي انچارج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ دوست علي سولنگي پاران هڪ حلف نامو داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ جوابدارن جي ضمانتن تي ڪو به اعتراض نه ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدار ڌر جي وڪيل گلزار عالماڻي پاران جج تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ سبب عدالت ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي