مورو واقعو: جاچ ڪاميٽي کي پوليس فائرنگ جا ثبوت هٿ
مَي 30, 2025
حيدرآباد(رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر) موري واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار پاران جوڙيل پوليس جا جاچ ڪاميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي، نوشهرفيروز جي اڳوڻي ايس ايس پي سنگهار ملڪ، ڊي ايس پي، ايس اوز ۽ ڊي آءِ بي انچارج سميت پوليس عملدارن جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا، جاچ ڪاميٽي کي پوليس پاران فائرنگ ڪرڻ جا ثبوت ملي ويا، رپورٽ مطابق مورو ۾ احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي ٿيل تشدد، گهرو وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ ۽ ٻن ڳوٺاڻن عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي قتل بعد سنڌ سرڪار پاران ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي سانحي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي جو پهريون اجلاس ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيو، ايس ايس پي اي وي ايل سي جي آفيس ۾ ٿيل پهرين اجلاس ۾ جاچ ڪاميٽي جو سربراهه ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ شريڪ ٿيا، جڏهن ته جاچ ڪاميٽي جا ٻيا ميمبر ايس ايس پي شهيد بنظير آباد شبير سيٺار، ڊي ايس پي سي آءِ اي حيدرآباد افتخار ٻرڙو ۽ سب انسپيڪٽر حيدرآباد رينج نيڪ محمد کوسو شريڪ نه ٿيا، جاچ ڪاميٽي آڏو نوشهروفيروز سنگهار ملڪ، ايس ايڇ او مورو، ڊي ايس پي، ڊي آءِ بي انچارج ۽ ڊي ايس پي هيڊڪواٽر پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.
جاچ ڪاميٽي جو پهريون اجلاس صبح 11 وڳي شروع ٿيو ۽ شام 4 وڳي تائين هليو، 5 ڪلاڪن تائين پوليس عملدارن کان جاچ ڪئي وئي، پنهنجي اخبار کي ذميوار ذريعن ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي آڏو ايس ايس پي نوشهرروفيروز سنگهار ملڪ ۽ ٻين پوليس عملدارن موقف اختيار ڪيو ته لڳل ڌرڻي ۾ جيئن ئي پوليس پهتي ته مظاهرين مشتعل ٿي ويا، مظاهرين پوليس تي لٺبازي ڪئي ۽ پٿراءَ ڪيو، جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا، مظاهرين پوليس کان 2 هٿيار پڻ کسي ورتا هئا، جنهن بعد مظاهرين وڃي گهرو وزير جو گهر ساڙيو، جاچ ڪاميٽي آفيسرن کان سوال ڪيو ته نفري ڪيتري هئي جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس جا 300 اهلڪار هئا ۽ پوليس تياري سان آئي هئي، فائرنگ جي سوال تي پوليس اهلڪارن جاچ ڪاميٽي آڏو ٽال مٽول ڪندا رهيا ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته فائرنگ مظاهرين ڪئي، مامرو ”اوور پاور“ ٿي ويو هو، ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي کي مظاهرين تي فائرنگ ڪرڻ جا ثبوت ملي ويا آهن، ڇڪتاڻ دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ ٿي آهي.
جاچ ڪاميٽي پوليس عملدارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد موري ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪري ۽ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون وٺندي ۽ مامري جي گهڻي رخي جاچ ڪندي، ان سلسلي ۾ جاچ ڪاميٽي جو سڀاڻي مورو پهچڻ جو امڪان آهي، هوڏانهن ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي ايس ايس پي سنگهار ملڪ سميت سمورا ذميوار پوليس عملدار هڪ رٽيل بيان ياد ڪري آيا ۽ جاچ ڪاميٽي آڏو رڪارڊ ڪرايو، جنهن تي جاچ ڪاميٽي جا ميمبر عملدارن جي بيان مان گهٽ مطمئن نظر آيا، واضح رهي ته ڄاڻايل جاچ ڪاميٽي کي 7 ڏينهن اندر مامري جي سمورن رخن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻي آهي. جنهن ۾ 20 مئي واري واقعي جي پيش اچڻ جي حقيقتن جي جاچ، واقعي جي پسمنظر ۾ پوليس جي ردعمل جو جائزو وٺي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.