مورو واقعو ڪيس، ٻڌڻي وري ملتوي
جُون 17, 2025
نوشهرو فيرو ز ( پنهنجي ڊيسڪ ) مورو واقعو ۽ گهرو وزير جي گهر کي باه وارو مامرو ،دهشتگردي ٽوڙ عدالت جتوئي ڀائرن جي پڪي ضمانت واري ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي ،مورو ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي ۽ ٻيا ڪرونا سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا، عدالت وڪيل پاران غير حاضري واري درخواست منظور ڪندي بلاول زرداري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 28 جون تي مقرر ڪري ڇڏي، عدالت وڪيلن کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مطمعن ڪندڙ ثبوت پيش ڪيو، جڏهن ته عدالت وڪيلن پاران ڪيس اي ٽي سي مان سيشن ڪورٽ موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پوليس جا وڏا اٽالا ڪيترائي ڪلاڪ عدالت ٻاهريان موجود رهيا.