مورو واقعي ۾ پرڏيھي ھٿ ملوث آھن: ضياءُ لنجار
جُون 16, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته مورو واقعي ۾ پرڏيھي ھٿ ۽ آزادي جي تحريڪ وارن سميت مقامي ماڻهن به ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آھن،
هن امن امان جو حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پوليس وٽ ڪافي ھٿيار آھن، ڪچي ۾ سنڌ پوليس ڪم ڪري پئي، ٽريفڪ پوليس به شھرين سان زيادتي ڪري ٿي، شاھدين کانسواءِ ڪو به چالان نه ٿيندو.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ بابت منهنجي سوال کي وڌائي پيش ڪيو ويو، پوليس ۽ بيوروڪريسي جي پنهنجي اسٽيبلشمينٽ آهي، آءِ جي پنهنجي کاتي جو پاڻ ذميوار آهي، آءِ جي سنڌ امن امان جي صورتحال ڏسندو رهندو آهي.