مورو ويجهو رڪشا ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر: نينگريءَ فوت ٿي وئي
مَي 13, 2023
مورو)ن پ ا) مورو ويجھو رڪشا ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر سبب معصوم نياڻي جي حياتي کسجي وئي. تفصيل موجب سيال موريءَ وٽ تيز رفتار رڪشا ۽ سوزوڪيءَ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي تيجي ۾ رڪشا ۾ سوار نينگريءَ سبيهه بيبي ڌيءَ آصف شاھه سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي سندس لاش اسپتال آندو ويو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويون ان موقعي تي فوت ٿيندڙ نينگريءَ جي چاچا سجاد شاھه ٻڌايو ته اسان رڪشا ۾ سوار ٿي ڳوٺ جان محمد ڍلو ۾ مائٽن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ مٽياريءَ کان آيا ھئاسين واپسي دوران ڄاڃين جي سوزوڪيءَ سان ٽڪر ٿيو آھي،