مورو ( ن پ و) مورو ويجهو ڍڳي چوري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو مقتول جي وارثن چوري جي الزام کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو
ڳوٺ سرائي علي خان جروار ۾ جروار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ذاڪر حسين مارجي ويو ، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
مارجي ويل نوجوان جي مائٽن جو چوڻ آهي ته 6 مهينا اڳ گلڻ جروار جي ڍڳي چوري ٿي وئي هئي جنهن جو فيصلو به ڪيو ويو تنهن باوجود جهيڙو ڪري ذاڪر حسين کي قتل ڪيو ويو
هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ڪوڙو الزام هڻي جهيڙو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي