مورو (رپورٽر) مورو پوليس جي ڳوٺ ڦوٽو خان زرداري تي چڙهائي دوران مبنا طور ڌڪ لڳڻ سبب هڪ ٻارڙِي فوت ٿي وئي ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيو
متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس ناحق چڙهائي ڪري گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو، ڌڪ لڳڻ سبب ٻن سالن جي ٻارڙي ريحانا فوت ٿي وئي، 4 سالن جي ٻار معصيم عباس جي ڄنگهه ڀڄي پئي
پوليس 13 سالن جي نينگر سبحان زرداري کي کنڀي وئي، ڳوٺاڻن چڙهائي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو
پوليس ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ جهيڙي دوران نوجوان نادر علي زرداري مارجي ويو هو، مقتول جي وارثن کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي