مورو ويجھو گهرو اڻبڻت تان ڏير هٿان ڀاڄائي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، جوابدار فرار
مارچ 13, 2025
مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو گهرو اڻبڻت تان ڏير هٿان ڀاڄائي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ جھنڊو سولنگي ۾ گھرو اڻبڻت تان ڏير ڪھاڙين جا وار ڪري ڀاڄائي ندڻ زال معشوق لغاري کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي قمرالدين چانڊيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي والد بھاول لغاري، امڙ مسمات ھدايت خاتون، ڀائرن اعجاز علي، ممتاز علي، مشتاق علي، مھتاب علي چيو ته جوابدار اسان جي نياڻي کي بيگناهه بي درديءَ سان ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو، ھنن چيو ته ندڻ گھر جا ڪپڙا ڌوئڻ بعد سڪائڻ لاءِ ٽنگيا پئي ته سندس مڙس معشوق علي، ڏيرن سوڀو، محبت علي ۽ عاشق لغاري هم صلاح ٿي کيس ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.