مورو: پرائمري اسڪول ۾ استاد وڙھي پيا: مارڪٽ: ھيڊ ماستر تي الرون: مظاهرو

مورو: پرائمري اسڪول ۾ استاد وڙھي پيا: مارڪٽ: ھيڊ ماستر تي الرون: مظاهرو

مورو(ن پ ا) موري جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد وڙھي پيا، ھيڊ ماستر پاران استاد کي پڙھائڻ جو چوڻ تي الرون، هڪ استاد کي مارڪٽ:  ھيڊ ماستر عنايت الله سومرو، استادن خالد حسين ٻلال، محمد بخش سھتو، الطاف جويو، شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي استاد خلاف مظاهرو ڪيو.  ان موقعي  تي هيڊ ماستر عنايت الله سومرو چيو ته اسان جي اسڪول ۾ ايس ٽي آر تي آيل استاد شھباز ڪورائي پڙھائڻ بجاءِ روز جھيڙا ڪري ٿو، پڙھائڻ جو چوڻ تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته استاد شهباز ڪورائي لڳاتار ٽن مهينن کان شاگردن کي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيندو رهيو آهي، پاڻ بنا اجازت اسڪول مان غير حاضر رهي ٿو، غير حاضري جي صورت ۾ زوري صحيحون ڪري ٿو،  استاد جي غير حاضري سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي اي او، ڊائريڪٽر، سي ايم او ۽ سيشن جج صاحب کي لکت ۾ شڪايتون موڪليون آهن پر اڃا تائين ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي، استاد خالد ٻلال چيو ته شهبازڪورائي مون سان منھن ماري ڪندي ڌڪ ھنيا آھن، هوڏانهن  الزام ھيٺ آيل استاد شھباز ڪورائي جو چوڻ هو آئون پنجن مھينن کان تعليم ڏئي رھيو آھيان، مون اسڪولي ٻارڙن کان پئسا وٺڻ کان منع ڪيو، جنھن تي ھيڊ ماستر سميت استاد مخالف بڻجي بيھي رھيا آھن، هن چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.