مورو: پوليس ڪارروائي، ريلي

جُون 19, 2025

مورو (پنهنجي ڊيسڪ) مورو ويجھو ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي ۾ پوليس جي ڪارروائي ڪندي گھر، اوطاق، وڻ، سولر پلانٽ ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس ھڪ ڄڻو قاسم ولد محمد موسا ڪورائي گرفتار ڪري کڻي وئي. متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته پوليس لنجار ھائوس کي باھ ڏيڻ واري ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي آھي.

مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجراڻي جا ماڻھو پوليس ڪارروائي جو ٻڌي گھرن مان نڪري اچي داخلي رستن تي بيھي رھيا.

گھرن مان نڪري مين رستي تي بيٺل ڳوٺاڻن سان معصوم ٻارڙا نياڻيون پڻ گڏ آھن.

ان موقعي تي ڪامريڊ ڪومل ۽ ٻين ڳوٺاڻن چيو ته  اسان پر امن رھواسي آھيون، ايڏي ظلم باوجود خاموش آھيون، جيڪڏھن اسان جي ڳوٺ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ گھر ڊاٿا ويا ته سخت  مزاحمت ڪئي ويندي

ڳوٺاڻن چيو ته پنھنجي درياهه جي جياپي ۽ سنڌ جي زمينن جي والار خلاف پر امن جدوجھد ڪئي، پر ان کي غلط رنگ ڏئي وري ڳوٺ واسين کي پابندي مڙهيل تنظيم سان جوڙيو ويو آھي، جنھن جو ڪٿي به ڪو واسطو ناھي.

پوليس آفيسرن جي جي آءِ ٽي جي ظاھر ٿيندڙ رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، اسان جوڊيشنل انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي، ھاڻي به چئون ٿا ته عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ