مورو ڀرسان پراڻي تڪرار تان ڳوٺاڻو قتل
جُولاءِ 2, 2025
مورو (پنهنجي ڊيسڪ )مورو ويجھو فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار شخص مارجي ويو، مورو ويجهو قومي شاهراھ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ شيشو بھڻ واسي احمد نواز بھڻ مارجي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال مورواسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي بابت مقتول جي ويجهي عزيز راشد علي بهڻ جو چوڻ هو ته مائٽن سان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، خدشو آهي ته انهن ئي احمد نواز کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.