| مورو: چيف جسٽس جي دوري وقت بجلي بند ڪندڙ 2 انجنيئر بحال |
مورو(ن پ ا) سيپڪو اختيارين موري جي ايڪسين عبدالستار چنا ۽ ايس ڊي او بشير احمد جوڻيجو کي معطلي جي 2 ڏينھن بعد بحال ڪري ڇڏيو، ياد رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي موري ۾ ھلندڙ تقريب دوران بجلي بند ٿيڻ تان ٻنهي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو ھو. 2 ڏينھن بعد سي اي او سيپڪو جي منظوري بعد معطلي واري نوٽيفيڪشن ڪينسل ڪري بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،