| مورو: ڪڻڪ ضبط لاءِ پيڊي تي چڙهائي: مالڪ ۽ مزدورن پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش |
مورو (ن پ ا) مورو فوڊ انتظاميا دادو روڊ تي واقع سيٺ بشير سيھڙ جي پيڊي تي چڙهائي ڪري ڪڻڪ ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي ڪارروائي تي پيڊي مالڪ ۽ ملازمن پيٽرول ھاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي موجود ماڻھن بچائي ورتو. پيڊي تي ڪارروائي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر مورو نعيم وسطڙو پڻ موجود ھو، ان موقعي تي سيٺ بشير سيھڙ جو چوڻ هو ته فوڊ انتظاميا اسان جي کنيل ڪڻڪ سرڪاري گدام تي منتقل ڪرڻ کانپوءِ ادائگي نٿي ڪري ھن چيو ته اسان جي گدام کي 15 ڏينھن اڳ سيل ڪيو ويو ھو اڄ وري ٻيهر ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪا ناانصافي ۽ زيادتي آھي، هڏانهن فوڊ آفيسر گدام کي ٻيھر سيل ڪري اھو چئي روانو ٿي ويا ته واپاري خلاف ڪيس داخل ڪرائبو،