مورو: بجراڻي لغاري سانحو، ٻارڙِي هٿ نه آئي

جُولاءِ 3, 2025

مورو ( پنهنجي ڊيسڪ )مورو جي   ڳوٺ بجراڻي لغاري سانحو، معصوم ٻارڙِي جي ٽئين ڏينهن به ڳولا جاري آهي، 3 ڏينهن اڳ غربت سبب ڳوٺ بجراڻي لغاري واسڻ فضيلا لغاري ٻن ورهين جي معصوم ڌيءَسميت سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو،ناري فضيلا لغاري جو گذريل ڏينهن لاش هٿ آيو هو، مقامي ٽوٻن پاران سندس ٻن ورهين جي ڌيءُ ڀلي لغاري جي ڳولا جاري آهي،غربت ۽ بيمار ڌيءُ جو علاج نه ٿيڻ سبب فضيلا لغاري نياڻي سان گڏ سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيوهو، وارثن موجب فضيلا جو مڙس موري شهر ۾ ڪاٺيون ۽ ٻُهارا وڪڻي پيٽ گذر ڪندو هو، ڏيڍ مهيني کان ڳوٺ کي پوليس جو ڪڙو چڙهيل هئڻ سبب بيروزگار ٿي گهر ويٺو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت