مورو ۾عدالتي حڪم تي موبائل نيٽ ورڪ بحال
جُون 4, 2025
مورو (پنهنجي ڊيسڪ)مورو ۽ ڀرپاسي ۾عدالتي حڪم تي موبائل ڪمپنين نيٽ ورڪ بحال ڪري ڇڏيو آهي، موبائل نيٽ ورڪ بحال ٿيڻ تي موري واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
مورو تعلقي جي مختلف علائقن ۾گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان موبائل نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو هو، جنهن خلاف مورو تعلقه بار جي اڳواڻن عدالت ۾ دخواست ڪئي هئي، جنهن بعد مورو ۽ ڀرپاسي عدالتي حڪم تي موبائل نيٽ ورڪ بحال ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته مورو ڌرڻي ۾ ٻن نوجوانن زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي شهادت واري واقعي بعد اختيارين موبائل نيٽ ورڪ بند ڪرائي ڇڏيو هو