مورو (ن پ ا) گذريل ڏينھن مورو شھر جي نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي ملازمن کان ڦر ڪرڻ دوران
پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٽن جوابدارن سعيد جلباڻي، غلام حسين ابڙو ۽ نادر چانڊيو تي ڦر، پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا 6 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن
جنھن ۾ ھڪ ڪيس ڪجهه ڏينھن پھريان شھر جي ٻانڌي روڊ تان واپاري عبدالستار ڪورائي کان ساڍا 7 لک رپيا ڦر جو عبدالستار ڪورائي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي.