مورو)ن پ و) مورو شهر جي عمراڻي محلا جو رهواسي ڏھ ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪرڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل ستن سالن جي معصوم نينگر فراز ولد فهيم منگي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن وزيران، موٽمل سيال ۽ حاجن سولنگي کي پوليس انويسٽيگيشن ٽيم جاچ دوران گرفتار ڪري ورتو، جن قتل جو اعتراف پڻ ڪيو آهي
ڊي ايس پي مورو يار محمد رند پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڏھ ڏينهن اڳ عمراڻي محلا مان 7 سالن جو معصوم نينگر فراز علي منگي پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جو لاش ٻئي ڏينهن تي درس شهر لڳ درس قبرستان مان مليو هو
هن چيو ته مورو ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو هي هڪ بلائينڊ ڪيس هو جنهن جي جانچ لاءِ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙيل ھئي جنھن جاچ دوران ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو
سندس چوڻ هو ته جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي رمانڊ لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو