| مورو ۾ پلاند ۾ اغوا ٿيل ناري مبينا راڄوڻي ذريعي بازياب، 2 جوابدار گرفتار، 12 تي ڪيس داخل |
مورو (ن پ ا) مورو ۾ ٻه ڏينھن اڳ ھٿيار بندن ھٿان پلاند طور اغوا ٿيل سترنھن سالن جي نياڻي بينظير ڀٽو کي پوليس مبينا راڄوڻي طريقي سان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي فائزا سوڍر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ نوراني ڪالوني ۾ ماڇي ۽ ڀٽا برادريءَ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ماڇي برادري جي 8 کان وڌيڪ ھٿياربندن عزيزالله ڀٽو جي گهر حملو ڪري اقرا ۽ بينظير ڀٽو کي اغوا ڪيو هو، ڪجهه پنڌ تي اقرا کي ڇڏيو ويو هو، جاچ ٽيم جوڙي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، 17ورهين جي بينظير کي بازياب ڪرايو ويو ۽ جوابدار راشد ماڇي ۽ معشوق ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي سوڌو 12 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ چئوٻول آهن ته زخمي عزيزالله جي پٽ شهباز ڀٽو نوراني ڪالوني واسڻ خالده ماڇي کي شادي لاءِ وٺي ويو جنهن تان ڌرين ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو، علائقي ۾ اهي به چئوٻول آهن ته راڄوڻي ذريعي بينظير ڀٽو کي بازياب ڪرايو ويو.