مورو(ن پ ا) مورو دادو پل تي لڳايل سولر لائيٽون غائب ٿي ويون، جنهن ڪري تفريح لاءِ ايندڙ نوجوان سھولتن جي کوٽ ھجڻ سبب پريشان آهن، ان ڏس ۾ مورو دادو پل کي خوبصورت بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ھڪ پروجيڪٽ تحت مختلف سينھريون لڳايون آھن ۽ رات جي وقت روشن رکڻ لاءِ سولر لائيٽ لڳايون پر اھي غائب ٿي ويون آھن سولر لائيٽون چوري ٿيون آھن يا غائب ڪيون ويون آھن ان جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ھتي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ مسافر فيمليز تفريح سان گڏ سڪون حاصل ڪري سگهي.
صنعتي ادارن ۾ مزدور حقن کان محروم آهن: اين ٽي يو ايف
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن آف پاڪستان (اين ٽي يو ايف) اهم پريس ڪانفرنس ڪندي مزدورن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سرمائيدار صنعتي ادارن ۾ مزدورن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪري رهيا آهن ۽ ڪم ڪندڙ طبقي لاءِ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب تر ٿي رهيون آهن.پريس ڪانفرنس ۾ لانڊي سيسي اسپتال ڪميٽي جي مزدور نمائندن ڪامريڊ اقبال ابڙو تي لڳايل بي بنياد الزامن جي سخت مذمت ڪئي، جن ۾ گمشدگي، وحشيانه تشدد، بندوق جي زور تي ڀتاخوري، فيڪٽري کي ساڙڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جهڙا الزام شامل آهن. مزدور اڳواڻن چيو ته اهي سڀ الزام ڪوڙا ۽ سازشي آهن. هنن ٻڌايو ته 9 جنوري جي شام اقبال ابڙو کي عوامي ڪالوني ماڊل پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او امير ملڪ پوليس اسٽيشن ۾ طلب ڪيو، جتي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او امير ملڪ کي فوري طور معطل ڪري عمر قيد جي سزا لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي.اين ٽي يو ايف اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اقبال ابڙو سميت سڀني گرفتار ۽ گم ٿيل مزدورن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ۽ صنعتي علائقن ۾ مزدورن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.