موري واسي نوجوان عورت مامري تان ڪورنگي ۾ قتل

موري واسي نوجوان عورت مامري تان ڪورنگي ۾ قتل

ڪراچي/مورو (نمائندن وٽان) موري واسي نوجوان عورت مامري تان ڪورنگي ۾ قتل، پوليس موجب  ڪورنگي ۾ گدام چورنگي ويجهو فائرنگ جي واقعي ۾ موري واسي 18 ورهين جو ماجد علي ولد محمد رمضان لغاري قتل ٿي ويو، مقتول  ڪراچي ۾ ڪنٽينر هلائيندو هو ، پوليس موجب ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته واقعو ذاتي رنجش ۽ دوستي جي معاملي جو نتيجو لڳي رهيو آهي، پوليس موجب مقتول کي فاطمه نالي ڇوڪري ملاقات لاءِ گهرايو هو، جوابدار موٽر سائيڪل تي آيا ۽ فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تان هٿيار جا 3 خالي خول هٿ ڪيا ويا آهن، مقتول نوجوان جي مظهر نالي شخص جي ڀيڻ سان دوستي هئي، جنهن جي خبر ڇوڪري جي گهر وارن کي پئجي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه به ٿي ويو هو، انهي ڳالهه تان مظهر ۽ گل محمد لغاري فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ فاطمه نالي ڇوڪري جي تلاش جاري آهي، مقتول نوجوان موري جي باءِ پاس وٽ چنڊ جي ڳوٺ جو رھواسي ھو،