| موري ويجهو پاڻي جي حوض ۾ ٻڏي نينگر فوت |
مورو(ن پ ا) موري ويجهو پاڻي جي حوض ۾ ٻڏي نينگر فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ موري ويجھو پرڻ ۾ گھر اندر پاڻي جي حودي ۾ پنجن سالن جو نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو. پنجن سالن جو نينگر طارق پٽ معشوق علي راند ڪندي پاڻي جي ڀريل حودي ۾ ڪري پيو، جنھن کي ڪڍي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.