موري ويجھو حادثو: درگاهه تان موٽندڙ ماءُ ڌيءُ فوت

موري ويجھو حادثو: درگاهه تان موٽندڙ ماءُ ڌيءُ فوت

مورو(ن پ ا) موري ويجھو حادثو، درگاهه تي موٽندڙ ماءُ ڌيءُ فوت، ان ڏس ۾ موري ويجھو درگاھ تان زيارت ڪري واپس ويندڙ ڦٽي وارو رڪشا سان سونهري فارم وٽ ڪمند سان ڀريل ٽرالي ٽڪرائجي وئي ، جنھن سبب ڦٽي تي سوار عورت مسمات شبانه سيٺار ۽ سندس 5 سالن جي نياڻي دعا سيٺار چيڀاٽجي فوت ٿي ويون ،جڏھن ته واحد سيٺار زخمي ٿي پيو، زخمي واحد سيٺار ٻڌايوته اسان دوڙ جي ڳوٺ راحب سيٺار جا رھواسي آھيون مورو ويجھو درگاھ تان زيارت ڪري واپس موٽي رھيا ھئاسين ته ڪمند سان ڀريل ٽرالي  ٽڪر هنيو ،جنھن ۾ زال ۽ معصو ڌي فوت ٿي ويون، پوليس  ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو