موري ويجھو ڳوٺ ماڙي ۾ پسند جي پرڻي تان فائرنگ: واٽهڙو نوجوان قتل: ناري مرڻينگ: 2 سوگها    

موري ويجھو ڳوٺ ماڙي ۾ پسند جي پرڻي تان فائرنگ: واٽهڙو نوجوان قتل: ناري مرڻينگ: 2 سوگها    

مورو/شاهپور جهانيان(نمائندن وٽان)  موري ويجھو ڳوٺ ماڙي ۾ پسند جي پرڻي تان فائرنگ: واٽهڙو   نوجوان سليم عرف بگو قتل، ناري بشيران ٻگھيو زخمي. پوليس 2 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، مقتول سليم عرف بگو ٻگھيو جي لاش ۽ زخمي ناري بشيران کي مورو اسپتال آندو ويو، زخمي ناري کي طبي امداد ڏئي نوابشاھه اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن  مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ ھو ته ڀاءُ سليم عرف بگو پنھنجي زمين تي پاڻي جي واري لاءِ ويل ھو، واپسي تي ڀاءُ کي  گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو،  جڏهن ته ناري بشيران کي گھر اندر گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو، هن چيو ته  اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪري، هوڏانهن  زخمي ناري بشيران ٻگھيو جي پيرسن امڙ جو چوڻ ھو ته منھنجي گھر ٻاھران فائرنگ ٿي، دروازو کولڻ تي ٻيو فائر ٿيو، منھنجي نياڻي بشيران کي ڄنگهه ۾ گوليون لڳيون، اسان گوليون ھلائيندڙ هڪ جوابدار ظھور کي سڃاتو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي بخشل ٻگھيو سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ٻئي طرف ڳوٺ ماڙي جي رهواسي عبدالله ٻگهيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن برادري ۾ ڪافي وقت کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو. هڪ مهينو اڳ سندس ڀاءُ سونو  ٻگهيو هير ٻگهيو سان نوابشاهه عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي. بعد ۾ برادري جي معززن جي مداخلت تي ناري کي عارضي طور وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بابت واعدو ڪيو ويو ته هڪ هفتي اندر ناري واپس ڪئي ويندي. عبدالله ٻگهيو الزام هنيو ته ناري جا مائٽ نڪاح ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي مسلسل ڌمڪيون ڏيندا رهيا، گذريل رات دير سان 15 کان 20 هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪيو،جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ منهنجي ڀيڻ زخمي ٿي پئي، جڏهن ته واٽهڙو سليم ٻگهيو گولي لڳڻ سبب مارجي ويو