موري ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنل ناري فوت: قتل الزام 

موري ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنل ناري فوت: قتل الزام 

مورو( ن پ ا) موري ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنل ناري فوت: قتل جو الزام، ان ڏس ۾  موري ڀرسان ڳوٺ گل محمد جيسر جي رھواسڻ ناري شاھده جيسر پراسرار نموني فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ناري جي ڀاءُ نظام الدين جيسر الزام هڻندي چيو ته ٽي سال اڳ پسند جي شادي ڪرڻ تان جرڳي ذريعي ڏنڊ عيوض ڀيڻ نصير جيسر کي پرڻائي ڏني ھئي، جيڪو ڀيڻ مٿان ڏينھن تشدد ڪندو ھو، اسان جي ڀيڻ کي زھر ڏئي قتل ڪيو ويو آھي  ھاڻ چيو پيو وڃي تت کيس نانگ چڪ ھنيو آھي ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل نصير جيسر جي ڀيڻ جو چوڻ آھي ته رات جي وقت شاھده واش روم ۾ وئي، جتي نانگ کيس ڪکيو آهي