موري ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 4 زخمي، 2 ڄڻا گرفتار، ڇڪتاڻ
ڊسمبر 10, 2024
مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) موري ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 4 ڄڻا زخمي، 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب گچيرو روڊ تي پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان بلاول سولنگي، نويد سولنگي، اظھر سولنگي، سجاد سولنگي ۽ رشيد سولنگي زخمي ٿي پيا، جن کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي ھڪ ڄڻو بلاول سولنگي زخمن جي سٽ نه سھي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول جي ڀاءُ نثار سولنگي ٻڌايو ته مان سعودي عرب رھندو ھئس، ان دوران نذير سولنگي ڏانھن ڏيتي ليتي جو وھنوار رهيل ھو، جنھن جو فيصلو برادري جي چڱي مڙس ڪيو پر اھو اڳئين ڌر قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، ڪالهه سندن ڏانھن وياسين ته ماڻھو وٺي جھيڙو ڪيو ويو ۽ رپيٽر سان فائرنگ ڪري ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آھي ته ڌرين جو پاڻ ۾ ڪافي وقت کان ڏيتي ليتي تان جھيڙو هلندڙ ھو، جنهن تان هڪ ڄڻو قتل ۽ 4 زخمي ٿيا آهن، ٻن ڄڻن نذير سولنگي ۽ ضمير سولنگي کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.