| مورَي واسي وڪيل سافڪو بينڪ جي عملي خلاف درخواست |
مورو (ن پ ا) مورو جي مشھور وڪيل گلزار علي عالماڻي پاران مورو سافڪو بئنڪ جي چوڪيدارن ۽ عملدارن پاران بئنڪ ايندڙ غريب مسڪين ماڻھن کان پيسا وٺڻ جي الزام تحت سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مورو کي درخواست ڏني وئي آھي جنھن ۾ گلزار علي عالماڻي پاران ڄاڻايو آھي ته آء ملڪ ڪالوني مورو جو رھائشي آھيان جيئن ته منھنجي گھر ڀرسان ٻوڏ متاثر ماڻھن جي گھرن جي تعمير لاء ايندڙ پيسن جي وصولي دوران بينڪ جي ٻاھران بيٺل ڪجھ پرائيويٽ ماڻھو بينڪ جي عملدارن سان ملي ڪري ھر ماڻھو کان پنج کان ڏھ ھزار روپين تائين رشوت عيوض کيس پيسا ڏنا پيا وڃن.