| مورَي ويجھو ٽرڪ شادي لاءِ سامان وٺڻ آيل نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو |
مورو(ن پ ا) موري ويجھو تاج پمپ سامهون قومي شاهراهه تي خوني ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار نوجوان محسن علي سولنگي کي چيڀاٽي ڇڏيو، فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته محسن سولنگي درياءِ خان مري جي ڳوٺ جنترائي جو رھواسي هو،جيڪو موري مان مائٽن جي شادي جو سامان وٺڻ آيو ھو، واپسي تي حادثو پيش آيو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.