مور ڇو پيا مرن؟ وزيراعليٰ پاران علاج ۽ خوراڪ جو حڪم 

مور ڇو پيا مرن؟ وزيراعليٰ پاران علاج ۽ خوراڪ جو حڪم 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ننگرپارڪر ۾ مور مرڻ جو نوٽيس وٺندي وائلڊ لائيف کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهو مامري جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪري. ٿر ۾ مورن جي مرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته مور ٿر جي قدرتي خوبصورتي، ماحوليات ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ آهن،  انهن جي آبادي کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن. مراد شاهه چيو ته جيڪڏهن مورن جي مرڻ بابت رپورٽن ۾ سچائي آهي ته انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مور مرڻ جي جي سببن جي جاچ ڪري تدارڪ لاءِ اپاءَ يقيني بڻايا وڃن. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ سبب مور مرن پيا ته پوءِ پاڻي جي فراهمي ۽ پکين جي تحفظ لاءِ مستقل ۽ مناسب انتظام ڪيا وڃن.