| موسمياتي تبديلي: جرمني جي 2 ڪمپنين خلاف ڪيس جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن موسمياتي تبديلي سبب ٿيل نقصانن تي جرمني جي 2 وڏين ڪمپنين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، دادو، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي آبادگارن نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن (اين ٽي يو ايف) ۽ هينڊز جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ ۾ زراعت، زمينن ۽ روزگار کي ڪاپاري نقصان پهتو، هنن چيو ته اسان جرمني ۾ واقع 2 وڏين فاسل فيول ڪمپنين خلاف عالمي عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪنداسين