دنيا هن وقت هڪ اهڙي دؤر مان گذري رهي آهي، جتي موسمياتي تبديلي رڳو سائنسي بحث نه، پر اها انساني بقا، معاشي استحڪام، خوراڪ، پاڻي ۽ عالمي سياست جو سڀ کان وڏو سوال بڻجي چڪي آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران زمين کي ٿڌو ۽ محفوظ رکندڙ ” اوزون تهه“ جي ڪمزور ٿيڻ، ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ تيزيءَ سان اضافو، برفاني جبلن جو ڳرڻ، سمنڊن جي سطح وڌڻ، جهنگن ۽ ٻيلن کي ساڙڻ يا انهن کي باهه لڳڻ، ڏڪار ۽ غيرمعمولي برساتن دنيا کي هڪ نئين موسمي دؤر ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ گذريل ڪجهه سالن کان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سخت سردي ۽ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، جيڪا هر سال تيز ٿيندي پئي وڃي. جڏهن ته اسان پاڪستان جو مثال وٺون ته هڪ ڏهاڪي کان وٺي اها گرمي ۽ سردي ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندي پئي وڃي. اپريل ۽ مئي ۾ جيڪا گرمي ٿئي ٿي، ان جو مثال پهرين ناهي مليو ۽ جون، جولاءِ جا مهينا اڃان اچڻا آهن. هن گرميءَ جي ڪري ئي ڪيترين ئي بيمارين به منهن ڪڍيو آهي ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن لاء به اها برداشت کان ٻاهر آهي.
2026ع ۾ شايع ٿيل هڪ اهم عالمي ريسرچ پيپر “Global Monsoon Variability in a 1.5°C Warming Climate” هن خطري بابت انتهائي اهم انڪشاف ڪيا آهن. هن تحقيق ۾ سائنسدانن جديد موسمي ماڊلز ذريعي اهو جائزو ورتو ته جيڪڏهن دنيا جو گرمي پد صنعتي دؤر کان 1.5°C وڌيڪ ٿي وڃي ــ جيڪو هاڻي تقريباً يقيني سمجھيو پيو وڃي، ته عالمي چوماسي جو سسٽم، خاص طور ڏکڻ ايشيا، پاڪستان ۽ سنڌ تي ڪهڙا اثر پوندا.
تحقيق جو سڀ کان اهم نتيجو اهو آهي ته مستقبل جو چوماسو اڳئين صدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غيريقيني، خطرناڪ ٿيندو. سائنسدانن موجب برساتن جا معمولي سلسلا گهٽجندا، جڏهن ته انتهائي تيز ۽ مختصر وقت واريون برساتون وڌنديون. ٻين لفظن ۾ دنيا “نارمل موسم” واري دؤر مان نڪري “Extreme Weather” جي دؤر ۾ داخل ٿي رهي آهي. هي تبديلي خاص طور انهن ملڪن لاءِ تمام خطرناڪ آهي، جيڪي اڳ ئي غربت، ڪمزور انفراسٽرڪچر ۽ پاڻيءَ جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو عالمي ڪاربان اخراج ۾ تمام ننڍو حصو رکي ٿو، پر موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سمنڊن جي گرمي وڌڻ سبب چوماسي جي هوائن جي طاقت، رخ ۽ وقت ۾ تبديلي اچي رهي آهي. عربي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ جي وڌندڙ گرمي سبب پاڪستان ۾ برساتن جو نظام وڌيڪ غير متوازن ٿي رهيو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ غيرمعمولي ٻوڏون اينديون، جڏهن ته ٻيا علائقا شديد ڏڪار جو شڪار ٿيندا. جيئن گذريل سال به ٿيو آهي. 2022ع واري پاڪستاني ٻوڏ هن نئين موسمي حقيقت جي هڪ وڏي مثال طور ڏٺي وڃي ٿي، جتي مختصر وقت اندر غيرمعمولي برساتن ملڪ جي ٽئين حصي کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو. ريسرچ پيپر خبردار ڪري ٿو ته اهڙا واقعا هاڻي مستقبل جي موسمي نظام جو حصو بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ جي حوالي سان هي صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ جاگرافيائي طور اهڙي خطي ۾ واقع آهي، جتي هڪ ئي وقت گرمي، سامونڊي سطح ۾ واڌ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ٻوڏن جا خطرا موجود آهن. تحقيق مطابق مستقبل ۾ سنڌ اندر برساتن جا نمونا انتهائي غيريقيني ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن مهينن تائين خشڪ موسم رهندي، ته ڪڏهن ڪجهه ڏينهن اندر ايتري برسات پوندي جو شهر ۽ ڳوٺ ٻڏي ويندا. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ دادوءَ جهڙا علائقا خاص خطري ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته هتي نيڪال جا نظام ڪمزور آهن ۽ شهري آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انفراسٽرڪچر، ڊرينج ۽ پاڻيءَ جي انتظام بابت فوري قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر هر سال موسمي ايمرجنسيءَ کي منهن ڏيندا.
موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي شهرن ۾ نيڪال جو نظام نه هجڻ برابر آهي، ان ڪري ايندڙ برساتن جي ڪري پاڻي کي نيڪال نه ملندو ته اهو شهرن کي ئي ٻوڙيندو، عمارتون تباهه ٿي وينديون. جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ نيڪال سسٽم نه هجڻ ڪري فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسندو. خاص ڪري ڪراچي، حيدر آباد، سکر. بدين، دادو، سجاول، ٺٽي ۾ تباهيءَ جون اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن.
تحقيق جو ٻيو اهم پاسو سامونڊي سطح ۾ واڌ آهي. عالمي گرمي پد سبب قطبي برف ۽ گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، جنهن ڪري سمنڊ جي سطح آهستي آهستي وڌي رهي آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي اڳ ئي هن خطري کي محسوس ڪري رهي آهي. کارو پاڻي اندروني علائقن تائين پهچي رهيو آهي، جنهن سبب زرعي زمينون تباهه ٿي رهيون آهن. ڪيٽي بندر، شاهه بندر، بدين ۽ ٺٽي جا ڪيترائي علائقا مستقبل ۾ مستقل سامونڊي خطري هيٺ اچي سگهن ٿا.
هيءَ ريسرچ ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن عالمي گرمي پد صرف 2°C تائين به محدود رهي، تڏهن به دنيا جا ڪجهه علائقا انتهائي خطرناڪ موسمي حالتن کي منهن ڏئي سگهن ٿا. 2°C گرمي تي به شديد ڏڪار، خطرناڪ ٻوڏون، ٻيلن کي باهيون، زرعي تباهي ٿي سگهي ٿي. ڪجهه علائقن ۾ 2°C جا اثر 4°C جي سراسري ماڊلز کان به وڌيڪ خطرناڪ نڪتا آهن. هي پيپر پهريون ڀيرو عالمي سطح تي “River Heatwaves” يعني دريائن جي خطرناڪ گرميءَ تي تفصيلي تحقيق ڪري ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جا درياهه غيرمعمولي حد تائين گرم ٿي رهيا آهن. مڇين جي نسلن، زراعت، پيئڻ جي پاڻي، ڊيم سسٽم تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو ۽ ايشيا، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا جا علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. هيءَ ريسرچ ٻڌائي ٿي ته موسمياتي تبديلي دنيا ۾ “Heat Stress” يعني خطرناڪ گرميءَ جي دٻاءُ کي وڌائي رهي آهي. جنهن ۾ غريب ۽ گرم ملڪن ۾ ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندا. پاڪستان، ڀارت، آفريڪا ۽ وچ اوڀر خطرناڪ زون بڻجي سگهن ٿا. گرميءَ سبب دل جون بيماريون، گردن جا مسئلا، پاڻيءَ جي کوٽ، مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي. 1.5°C کان 4°C گرمي تائين باهيون لڳڻ تيز ٿي وينديون، جنهن مان نڪرندڙ دونهون تيزيءَ سان دنيا جي ملڪن ۾ ڦهلجي ويندو. ان سان آسٽريليا، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ايشيا ۾ خطرو وڌي رهيو آهي. ڌرتي شايد اڳين اندازن کان وڌيڪ حساس هجي. جيڪڏهن ڪاربان اخراج تيزيءَ سان نه گهٽايو ويو ته گرميءَ جي رفتار تيز ٿي سگهي ٿي ۽ سمنڊ جي سطح تيزيءَ سان وڌي سگهي ٿي.
عالمي ماهر چئي رهيا آهن ته 2015 کان پوءِ Global Warming جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي Greenland جي برف خطرناڪ رفتار سان ڳري رهي آهي. سمنڊ، درياهه ۽ هوا وڌيڪ گرم ٿي رهيا آهن. Extreme Weather هاڻي “نئون نارمل” بڻجي رهيو آهي. هي صورتحال رڳو ماحولياتي نه، پر معاشي ۽ سماجي بحران پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي. لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا، زرعي پيداوار گهٽجي سگهي ٿي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿي. عالمي ماهر اڳ ئي خبردار ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ پاڻي ۽ موسم دنيا جي سياسي تڪرارن جا اهم سبب بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ لاءِ هڪ ٻيو وڏو خطرو گرميءَ جي لهرن ۾ اضافو آهي. ريسرچ موجب عالمي گرمي پد ۾ واڌ سان گڏ ڏکڻ ايشيا ۾ “Heat Stress” انتهائي خطرناڪ سطح تائين پهچي سگهي ٿو. سنڌ اڳ ئي دنيا جي گرم ترين علائقن مان هڪ آهي، جتي جيڪب آباد ۽ سبي جهڙن علائقن ۾ گرمي انساني برداشت جي حدن کي ڇهندي رهي ٿي. مستقبل ۾ 50°C کان مٿي گرميءَ جا ڏينهن وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اهڙي گرمي نه رڳو انساني صحت، پر معيشت، زراعت ۽ مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. گردن، دل ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سان لاڳاپيل بيماريون خاص طور وڌي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته مسلسل گرمي انساني جسم تي شديد دٻاءُ وجهي ٿي. صحت جا ماهر اڳ ئي خبردار ڪري رهيا آهن ته موسمياتي تبديلي ايندڙ سالن ۾ صحت جي عالمي بحرانن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي.
هن ريسرچ جو سڀ کان اهم پيغام اهو آهي ته موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو نه، پر موجوده دؤر جو بحران آهي. دنيا جيڪڏهن ڪاربان اخراج گهٽائڻ ۾ ناڪام رهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ موسمي نظام وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۽ سنڌ جهڙن علائقن لاءِ ان جو مطلب رڳو گرمي يا برسات نه، پر خوراڪ، پاڻي، معيشت، صحت ۽ انساني بقا جا سوال آهن. ماهرن موجب هاڻي رڳو عالمي واعدن سان ڪم نه هلندو. پاڪستان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ، شهري منصوبابندي، زرعي سڌارن، سامونڊي تحفظ ۽ موسمياتي پاليسين تي فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻا پوندا. ٻئي صورت ۾ موسمياتي تبديلي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهڙو بحران بڻجي سگهي ٿي، جنهن جا اثر صدين تائين محسوس ڪيا ويندا.