| موسمي تبديلي سبب متاثر 20 هزار اسڪول بحال ڪيا اٿئون: سردار شاهه |
نئون آباد (ن پ ا ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب امن، محبت ۽انسانيات جي ڳالهه ڪئي آهي، اهي ڳالهيون سليبس ۾ پڙهايو وڃن. موسمياتي تبديلي سبب سنڌ جا 20 هزار اسڪول سخت متاثر ٿيا، جن جي بحالي کي چيلنج سمجهي منهن ڏنو، ڪالهه ڪيڊٽ ڪاليج جي والدين جي ڏهاڙي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ 11کان 12 ڪيڊٽ ڪالجز آهن، جن ۾ ٻه گرلز ڪيڊٽ ڪالجز آهن، مٺي ۽ بدين ۾ ڪيڊٽ ڪاليجن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ بجيٽ ۾ ڪيڊٽ ڪاليجن جي تعيراتي اسڪيمن لاءِ اضافي رقم رکبي