ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) موسمياتي تجزياڪار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪافي سالن کان عربي سمنڊ ۾ طوفانن جي تعداد ۽ شدت ۾ اضافو ٿيو آهي،
ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل سان گفتگو ڪندي موسمياتي ماهر جواد ميمڻ جو چوڻ هو ته موجوده طوفان دوران سمنڊ جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهيو آهي،
موجوده سامونڊي طوفان شروعاتي مرحلي ۾ ئي شدت اختيار ڪري ورتي هئي، تجزياڪار مطابق 5 کان 6 سالن دوران عربي سمنڊ وڌيڪ شدت اختيار ڪندو پيو وڃِي
هن سال 5 ٽروپيڪل سسٽم به عربي سمنڊ ۾ ٺهيا، ايندڙ وقت ۾ طوفانن جي شدت ۽ تعداد ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو