موسمي ڦير گهير هڪ حقيقت آهي. اها تڏهن شروع ٿي جڏهن ملڪن صنعتي انقلاب جي بنياد تي توانائي حاصل ڪرڻ جا مختلف ذريعا ڳولهي لڌا. اهي هئا ڪوئلو، تيل ۽ گئس. وري انهن ملڪن انهن جي استعمال جي مخالفت ڪئي، جتي اهي ذريعا استعمال ٿيندا هئا. سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن انهيءَ جي ان ڪري مخالفت ڪئي ته اتي اهي ذريعا استعمال ٿيندا هئا اتي تيل هڪ اڻ لڀ شيءِ هئي ۽ اهو انهن ملڪن جو ڪمائي جو آسان ذريعو هو. انهن جي معيشيت انهيءَ بنياد تي بيٺل هئي. وري جتي ٻين ملڪن ۾ اهي ذريعا استعمال ٿيندا هئا تن به انهيءَ جي مخالفت ڪئي. هندستان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ڪوئلو استعمال ٿيندو هو، تنهنڪري هندستان به ان جي مخالفت ڪئي. آمريڪي صدر ٽرمپ به ان جي مخالفت ڪئي، جو اتي آمريڪا ۾ به ڪوئلي ۽ گئس جو استعمال ٿيندو هو.
ڊسمبر 2015ع ۾ ٿيل معاهدو:
ڊسمبر ۾ پئرس ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ سڀني ملڪن اهو فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ۾ مکيه ڪردار آمريڪا جي ان وقت جي صدر بارڪ اوباما جو هو، جنهن چين جي ان وقت جي صدر سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته ماڻهن جي مخالفت ۽ موافقت جي نتيجي ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي.
پئرس معاهدي جون خاص شقون:
پئرس معاهدي جون خاص شقون هن ريت هيون:
دنيا جي گولي جو گرمي پد صنعتي انقلاب واري سطح کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ مٿي نه ٿيڻ گهرجي.
ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ گرمي ۾ 1.5 سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي
ملڪن طرفان گئسون گهٽائڻ واري پروگرام کي مڃيو ويو پر انهيءَ کي هر پنجن سالن کانپوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ جو سال 2023ع ۾ ٿيندو.
گئسون گهٽائڻ بابت امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا ته جيئن اهي غريب ملڪ نه رڳو گئسون گهٽائي سگهندا پر گرمي پد وڌڻ جي صورت ۾ موسمي ڦير گهير تي پاڻ کي هيرائي سگهندا.
جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل نٿو ڪري سگهي ته انهيءَ ملڪ تي ڏنڊ نه وڌو ويندو.
موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ متاثر ملڪ کي معاوضو نه ڏنو ويندو.
ملڪ ڪاربان جو وڪرو ڪري سگهندا.
مٿيون معاهدو هڪ مثالي معاهدو ناهي. جڏهن ملڪن کي انهيءَ تي اعتراض هجي ۽ ڪي ملڪ ان جي حق ۾ به هجن ته مثالي معاهدو نٿو ٿي سگهي. انهيءَ ۾ مخالف ۽ موافق ڌرين کي گڏجي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي.
سهڻ ۽ گئسون گهٽائڻ واري ڳالهه:
انگريزي ۾ سهڻ کي (Adaptation) ۽ گئسون گهٽائڻ کي (Mitigation) چئبو آهي.
هاڻ ڇا ٿيڻ کپي؟
دنيا جي گولي جو گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿيڻ گهرجي. گهٽ عرصي ۾ اهو 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ ڀلي ٿئي. پر ڪنهن به وقت 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿيڻ گهرجي انهيءَ تي دنيا جي سلامتيءَ جو مدار آهي.