موسمون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن ۽ هي تبديلي هاڻي رڳو احساس تائين محدود ناهي رهي پر روزمرهه جي زندگي، زراعت ۽ ماحول تي پنهنجا واضح نشان ڇڏڻ لڳي آهي. ڪجهه سال اڳ تائين جڏهن سيپٽمبر جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ چِٽَ ڀڄڻ کان پوءِ ڏهه ڏينهن ڏر جا گذرندي ئي راتيون ٺرنديون هيون ۽ ماڪ پوڻ شروع ٿيندي هئي. هوريا هوريان سيءُ پنهنجو وجود محسوس ڪرائيندو هو ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين سرد موسم باقاعدي انٽري ڏئي ڇڏيندي هئي.
نومبر جي ناڙين کانپوءِ جڏهن پنهنجي ڏاڏاڻي زمين ۾ پوکيل ڪڻڪ کي پهريون پاڻي ڏيندا هئاسين، تڏهن ڪوڏر پڪڙيندي هٿ ٺري يخ ٿي ويندا هئا ۽ گهلندڙ ٿڌي هيري جي هر جهوٽي ۾ سياري جي خوشبوءِ هوندي هئي. اها رڳو موسم نه پر فطرت سان هم آهنگيءَ جو هڪ مڪمل نظام هو، جنهن تي زراعت ۽ ڳوٺاڻِي زندگي جو دارومدار هوندو هو پر هاڻي ويجهن پنجن ڇهن سالن اندر موسم جو هي منظرنامو اوچتو بدلجي ويو آهي، موسمن ڦيرو کاڌو آهي. هن وقت ڊسمبر جو آخري ڏهاڪو هلي ٿو پر سنڌ ۾ سيءُ پنهنجي اصل جوهر ۾ اڃا تائين موجود ناهي. رات جو سمهندي پکا هلن ٿا ۽ سيارو جيڪو ڪڏهن ساڍا ٽي مهينا راڄ ڪندو هو، هاڻي ڏيڍ مهيني جو مهمان بڻجي ويو آهي.
هي اوچتي تبديلي يا ڪو اتفاق نه پر ڪلائيميٽ چينج جو نتيجو آهي. ڪلائيميٽ چينج مان مراد ڌرتيءَ جي موسم ۽ آب هوا ۾ ٿيندڙ ڊگهي مدي واريون تبديليون آهن. ماحولياتي ماهرن موجب: جڏهن فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ ٻين گيسن جو مقدار وڌي ٿو ته سج جي گرمي ڌرتيءَ جي گولي جي چوڌاري ڦاسي وڃي ٿي، جنهن سبب مجموعي گرمي پد وڌي ٿو. مثال طور ڪارخانن ۽ گاڏين مان نڪرندڙ دونهون، وڻن جي بي رحماڻي واڍي اهو قدرتي نظام بگاڙي رهيا آهن، جنهن وسيلي ڌرتي پاڻ کي ٿڌو رکندي هئي. نتيجي طور سياري ۾ ايندڙ ٿڌيون هوائون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جڏهن ته گرمي غير معمولي طور ڊگهي ٿي چڪي آهي.
پورو ملڪ پر سنڌ خاص طور هن تبديليءَ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن صوبي جو جاگرافيائي هنڌ، ريگستاني علائقا، گهٽ وڻڪاري ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ شهري آبادي گرمي کي وڌيڪ شدت ڏين ٿا. اپريل جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ گرمي هاڻي مارچ کان شروع ٿي پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳي ٿي، جيڪا آڪٽوبر ۽ ڪڏهن نومبر تائين جاري رهي ٿي. عملي طور سنڌ ۾ ڇهن مهينن وارو اونهارو هاڻي اٺ کان نو مهينا محسوس ٿئي ٿو، جڏهن ته سيارو ڏيڍ مهيني تائين محدود ٿي ويو آهي. شهرن ۾ ڪنڪريٽ وارين ڊگهين عمارتن سبب وڏن شهرن ۾ “هيٽ افيڪٽ” پيدا ٿيو آهي، جنهن ۾ شهر ڀرپاسي جي علائقن کان وڌيڪ گرم ٿي وڃن ٿا، جيڪا گرمي راتين ۾ به گهٽ نٿي ٿئي.
ان سلسلي ڪجهه ڏينهن پهرين پنهنجي اخبار جي ڪالم نگار جاويد مهر سان ڪيل ڳالهه ٻولهه موجب گذريل ڪجهه سالن ۾ موسمي نظام ايتري تيزيءَ سان تبديل ٿيو آهي، جو اڳواٽ ڪا به اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ٿي وئي آهي. هاڻي موسمياتي ماهرن جون اڪثر اڳڪٿيون غلط ثابت ٿي رهيون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سياري جي سڪڙجڻ سبب سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پکي هاڻي سنڌ جو رخ نٿا ڪن، جيڪو ماحولياتي توازن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. پکين جي نه اچڻ جو مطلب آهي ته فطرت جو هڪ اهم سلسلو ٽٽڻ لڳو آهي.
موسمياتي تبديلي جا منفي اثر رڳو گرمي يا سردي تائين محدود ناهن، زرعي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي. پوک جا وقت غير يقيني بڻجي ويا آهن. 2018 تائين به نومبر ۾ پهريون پاڻي ڏنو هو پر هاڻي ڊسمبر جي آخر ۾ به ڪڻڪ جون ناڙيون ٿيون هلن. نه صرف ايترو پر پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي، جنهن ڪري بيمارين ۾ به واڌ اچي رهي آهي. ڪڏهن اوچتو شديد گرمي فصلن کي ساڙي ڇڏي ٿي ته ڪڏهن غير متوقع برساتون نقصان پهچائين ٿيون. جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ سالن ۾ سيارو وڌيڪ مختصر، اونهارو وڌيڪ شديد ۽ زندگي وڌيڪ ڏکي ٿيندي. هي سڀ ڪجهه اسان کان سنجيده رويو طلب ڪري ٿو. وڻڪاري، ماحول دوست توانائيءَ جو استعمال، پاڻيءَ جي ذميوار بچت ۽ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ هاڻي اختيار نه، پر ضرورت بڻجي چڪا آهن. هن مسئلي جو حل ڪو هڪ قدم يا هڪ فيصلي سان ممڪن ناهي، پر گڏيل سنجيده ۽ ڊگهي مدي واري حڪمتِ عملي سان ئي ڪلائيميٽ چينج جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. سڀ کان پهرين ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين موسمياتي تبديلي کي رڳو فطري عمل سمجهي نظرانداز نه ڪريون پر ان کي انساني عملن جو نتيجو سمجهي ذميواري قبول ڪريون. سڀ کان اهم قدم وڻڪاري ۽ ٻيهر ٻيلن کي اوج ڏيڻ آهي. ڇاڪاڻ ته وڻ ئي آهن، جيڪي فضا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ڌرتيءَ کي ٿڌو رکڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻيو وڏو حل فوسل فيول تي دارومدار گهٽائڻ آهي. زراعت جي شعبي ۾ به موسم سان هم آهنگ طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. پاڻيءَ جي بچت، جديد آبپاشي نظام ۽ اهڙا فصل چونڊڻ، جيڪي گهٽ پاڻي ۽ وڌيڪ گرمي برداشت ڪري سگهن. ڳوٺاڻن کي موسمي اڳڪٿين بابت صحيح ۽ وقتائتو ڄاڻ ڏيڻ به انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيدگي سان عمل ڪيو ويو ته سڀاڻي سيارو شايد مڪمل طور غائب ٿيڻ کان بچي سگهي. ٻي صورت ۾ موسم جو هي بدلجندڙ چهرو دراصل فطرت جو خاموش انتقام آهي، جيڪو جيڪڏهن اڄ نظرانداز ڪيو ويو ته سڀاڻي ان جي قيمت اسان جي ايندڙ نسلن کي ادا ڪرڻي پوندي.