اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت سرڪاري ملازمن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ فواد چوڌري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي
عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 14 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪندي جوابدار جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا هلائي، فواد چوڌري به وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ موجود هو
فواد چوڌري کي ڏسي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته موسم سٺي ٿي وئي، ان تي فواد چوڌري چيو ته موسم ته سٺي ٿي وئي آهي پر اسان به لڳا پيا آهيون